اسلام آباد – 15 نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته اڄ گلگت بلتستان جي عوا?? پنهنجي روشن مستقبل جي لاءِ راءِ ڏيڻ جو جمه??ري حق استعمال ڪري رهي آهي، انهن جو جذبو ان ڳالهه کي واضح ڪري ٿو ته اهي تبديلي جا خواهشمند آهن. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ سينيٽر شبلي فراز چيو ته گلگت بلتستان جي عوا?? پنهنجي ووٽ جي طاقت سان هڪ ڏهاڪي کان انهن تي مڙهيل نااهل ٽولي کي رد ڪري ڇڏيندي ڇو ته ان ٽولي جي ترجيح ڪڏهن به عوام جي ڀلائي ناهي رهي.