اسلام آباد-20 ڊسمبر (اي پي پي) ڀارتي سينيئر سفارتڪار کي پرڏيهي آفيس طلب ڪري 19 ڊسمبر تي قابض ڀار??ي فوجن طرفان لائن آف ڪنٽرول جي ??ک چڪري سيڪٽر ۾ جنگبندي جي ??نا جواز ڀڃڪڙين تي سخت احتجاج رڪارڊ ڪرايو ويو. ڀار??ي فوج جي ??نا جواز فائرنگ جي نتيجي ۾ اکوڙي ڳوٺ جي 25 ساله صفيره سخت زخمي ٿي پئي. پرڏيهي ترجمان م??جب سينيئر ڀارتي سفارتڪار کي پرڏيهي آفيس طلب ڪري احتجاجي ??ط سندس حوالي ڪيو ويو ۽ کيس چيو ويو ته قابض ڀار??ي فوج ايل او سي ۽ ورڪنگ بائونڊريءَ جو مسلسل ڀڃڪڙيون ڪندي آرٽلري، ڳرن ۽ خودڪار هٿيارن ذريعي عام شهريءَ کي نشانو بڻائي رهيون آهن. ڀارتي سفارتڪار کي ٻُڌايو ويو ته شهري آبادين کي ڄاڻي واڻي نشانو بڻائڻ انتهائي افسوسناڪ، انساني عظمت ۽ وقار، عالمي انساني حقن ۽ بين الاقوامي انساني قانون?? جي سڌي ڀڃڪڙي آهي.