اسلام آباد – 29 – جنوري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي فيڊرل ٽيڪس محتسب جي فيصلي جي خلاف ايف بي آر پاران داخل ڪيل اپيل رد ڪري ڇڏي آهي. صدر ايف بي آر کي جعلي ٽيڪس ري فنڊ ڪيس ۾ هڪ ڪروڙ 44 لک رپي?? جي وصولي جو حڪم ڏئي ڇڏيو. وفاقي محتسب ايف بي آر جي علائقائي آفيسن پاران ريفنڊ جي ادائيگي ۾ ڪيل بي ضابطگي?? جي خل??ف پاڻمرادو نوٽيس ورتو هو. وفاقي ٽيڪس محتسب ايف بي آر کي جعلي رسيد?? جي بنياد تي ادا ڪئي ويندڙ رقم وصول ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو. صدر وفاقي ٽيڪس محتسب جي فيصلي کي برقرار رکيو آهي. صدر ايف بي آر پاران جعلي دعوائن ۽ جاچ ۾ ناڪامي تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو آهي ته ايف بي آر جي عملدارن جعلي رسيد?? جي بنياد تي 13 – 2012ع ۾ جعلي رجسٽرڊ پرسن کي ??ڪ ڪروڙ 44 لک کان وڌيڪ ٽيڪس ري فنڊ ڪيو، ايف بي آر عهديدار?? جي ملي ڀڳت سان رقم واپس ڪئي وئي ۽ ذميوار?? جي خلاف ڪا ڪارروائي نه ٿي.