سا??يو??ل – 29 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان قبضا گروپن جي خلاف ڪارروائي تي پنجاب حڪومت کي مبارڪباد ڏيندي چي?? آهي ته پنجاب جي وڏي وزير قبضا ختم ڪرائي جهاد ڪيو آهي، قانون جي بالادستي سان خوشحالي ايندي آهي، وڏن وڏن ڌاڙيلن تي هٿ وجهڻ تبديلي آهي، هاڻي ڪو به وڏو ڌاڙيل اهو نه ٿو چئي سگهي ته اين آر او ڏيو نه ته حڪومت ڪيرائي ڇڏيندس، سڄي پنجاب جي عوام کي هيلٿ ۽ انشورنس جي سهولت ڏني ??ين??ي، صحت کانسواءِ تعليم جي سرڪاري شعبي کي پڻ بهتر بڻايو ??ين??و، هلندڙ سال بلدياتي چونڊون ٿينديون جنهن سان مقامي سطح تي مسئلا حل ٿيندا، سا??يو??ل ۾ انڊسٽريل اسٽيٽ ٺاهي ??ين??ي، مقامي طور تي تيار ڪيل سيوريج ٽريٽمينٽ پلانٽس هنيا ??ين??ا، زرعي شعبي ۾ جديد ٽيڪنالاجي متعارف ڪرائي ??ين??ي. اهڙن خيالن جو اظهار هن احساس ۽ ڪامياب جوان پروگرام تحت چيڪ ورهائڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. وزيراعظم عمران خان پنجاب جي وڏي وزير عثمان بوزدار ۽ سندس ٽيم کي قبضا گروپن جي خلاف ڪارروائي تي مبارڪباد ڏيندي چي?? ته جهڙي طرح هن قبضا گروپ جا محل ڪيرايا آهن ان تي هو مبارڪباد جو مستحق آهي، قبضا گروپ هڪ لعنت آهي جيڪي غريبن ۽ ٻاهرئين ملڪ پاڪستانين جي زمينن تي قبضو ڪن ٿا ۽ انهن کي انهن جي محنت جي ڪمائي کان محروم ڪن ٿا، ماڻهو قبضا گروپن جي اڳيان بيوس هوندا هئا.