ڪراچي -13 مارچ (اي پي پي) صدر مملڪت ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته ملڪ ۾ سائنسي ??عل??م جي اشد ضرورت آهي. اسان جي انفارميشن ٽ??ڪنالاجي جي نوجوانن سڄي دنيا ۾ پاڪستان جو نالو روشن ڪيو. صدر مملڪت اهڙو اظهار يونيورسٽي جو نئون نالو رکڻ جي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. بينٽ هوڊسن يونيورسٽي کي سليم حب??ب يونيورسٽي جو نالو ڏنو ويو آهي. صدر مملڪت ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته ملڪ ۾ آن لائين ??عل??م کي وڌيڪ مربوط بنائڻ گهرجي، انفارميشن ٽ??ڪنالاجي کي هٿي ڏيڻ سان ملڪ ترقي جي راهه تي هلندو. هن چيو ته اسان افرادي قوت ٺاهي ورتي ته قومن جي برادري ۾ پاڪستان ٽاپ تي هوندو. هن چيو ته پاڙيسري ملڪ ۾ اقليتن کي ڌار ڪيو پيو وڃي، اسان جي نبي حضرت محمد مصطفيٰ صلي الله عليه وسلم معاشري جي تقسيم کي ختم ڪيو. هن چيو ته سليم حب??ب يونيورسٽي ۾ ميرٽ کي خاص اهميت حاصل آهي.