اسلام آباد – 23 – مارچ (اي پي پي) وزيراع??م عمران خان چيو آهي ته پنهنجي طاقتور طبقي کي قانون جي تابع ۽ احساس، پناهگاهن ۽ صحت ڪارڊ جهڙن منصوبن جي ذريعي اڄ پاڪستان ٻيهر منزل حاصل ڪرڻ جي سفر تي هلي نڪتو آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چيو ته 15 سئو سال اڳ اسان جي نبي پاڪ ﷺ مديني جي پهرين ??لاحي رياست جو بنياد وڌو جنهن جي عمارت قانون جي بالادستي، اهليت جي قدر ۽ رحم ۽ برداشت تي هموار ڪئي وئي ۽ جنهن ۾ علم حاصل ڪرڻ کي مقدس فرض قرار ڏن?? ويو ان طرح ٻن ئي ڏهاڪن ۾ مسلمان ايندڙ ڪيترن ئي صدين ??اءِ عظيم ترين تهذيب رکندڙ بڻج?? ويا. وزيراعظم چيو ته جڏهن مسلمان ان رهنما اصولن تان دستبردار ٿ?? ويا ته انهن جي تهذيب ڪمزور ٿي وکري وئي.