اسلام آباد – 15 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان اڄ سکر جو دورو ڪندو جنهن ۾ اربين روپين جي ??يگا ترقياتي منصوبن جو اعلان ڪيو ويندو، وزيراعظم جي ترجيحي ضلعن ۾ بدين، لاڙڪاڻو، ٽنڊو الهيار سميت 14 ضلعا شامل آهن، وزيراعظم جي ??وجوان پروگرام تحت هڪ هزار نوجوان 4.8 ??رب جو قرض حاصل ڪري سگهندا،ڊجيٽل اسڪل ٽريننگ پروگرام تحت هڪ لک 4 هزار 617 شاگردن کي تربيت فراهم ڪئي ويندي جڏهن ته 52 سيڪڙو جي اعليٰ تعليم تائين پهچ ممڪن ٿيندي، هڪ لک 30 هزار نوجوانن سميت 35 هزار شاگردياڻين کي راندين جي سهولت دستياب ٿيندي.نادرا ، اين آر سيز وسيلي 50 لک مقامي ماڻهو لاڀ پرائيندا. تفصيلن موجب وزيراعظم عمران خان اڄ سکر ۾ دوري دوران سنڌ جي 14 ترجيحي ضلعن جي ??اءِ 446 ??رب جي ??يگا ترقياتي منصوبي جو اعلان ڪندو ان موقعي تي وزيراعظم سنڌ ۾ جاري وفاقي ترقياتي منصوبن تي اڳڀرائي جو به جائزو وٺندو، ميگاترقياتي پيڪيج جو محور سنڌ جا پٺتي پيل علائقا ۽ معاشري جا محروم طبقا آهن.انهن ضلعن ۾ بدين، حيدرآباد، لاڙڪاڻو، ٽنڊو الهيار، دادو، جيڪب آباد، خيرپور، ميرپورخاص، نوشهروفيروز، سانگهڙ، شڪارپور، سکر، ٽنڊو محمد خان، شامل آهن. ترقياتي منصوبن تح?? 306 ڪلوميٽر سکر – حيدرآباد م??ٽر وي مان سڄي ملڪ جا مسافر لاڀ پرائي سگهندا. ريلوي اسٽيشنون اپ گريڊ ٿينديون، نجي سيڙپڪاري ايندي ۽ مسافرن کي سهولتون ملنديون. توانائي جي ??نصوبن سان بجلي چوري ۽ خسارن ۾ گهٽتائي ايندي. 30 هزار ساليانا نوان ڪنيڪشن ڏنا ڏيندا ۽ ايندڙ ٽن سالن ۾ 26 ??رب تائين جي اوڳاڙين ۾ اضافو ٿيندو. 1490 ڪلوميٽر انفرااسٽرڪچر جي بحالي سان گئس جي بنا رنڊڪ فراهمي ممڪن ٿيندي.160 ڳوٺن کي گئس فراهم ڪئي ويندي، جنهن مان 5074 گهراڻا لاڀ پرائيندا.