اسلام آباد – 22 اپريل (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسيپڪر اسد قيصر سان آزاد ڪشمير جي تحريڪ انصاف آزاد جي صدر بئريسٽر سلطان محمود چوڌري ملاقات ڪئي جنهن ۾ مل?? جي مجموعي سياسي، معاشي ۽ سلامتي جي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. اسپيڪر چ??و ته پاڪستاني حڪومت ۽ عوام ڪشمي??ي عوام سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي بيٺل آهي، ڀارت جو ڪشمي??ي عوام تي ڪيل انسانيت لڄائيندڙ ظلمن جو پوري دنيا مذمت ڪري ٿي، ڀارت کي والاريل ڪشمير جي عوام کي انهن جو بنيادي حق ڏيڻو پوندو، ڀارت طرفان والاريل ڪشم??ر ۾ انساني حقن جي سنگين خلاف ورزين س??ن پوري دنيا آگاهه آهي، عالمي برادري کي والاريل ڪشم??ر ۾ ڀارتي حڪومت پاران ڪيل ظلمن جو نوٽيس وٺڻ گهرجي، اسپيڪر چ??و ته ڪشمي??ي عوام جي سياسي، سفارتي ۽ اخلاقي حمايت جاري رکي ويندي.