اسلام آباد – 05 جون (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي و??ير فرخ حبيب چيو آهي ته پاڪستان تحريڪ انصاف جي حڪومت اظهار راءِ جي آزادي تي يقين رکي ٿي، موج??ده حڪومت پنهنجي حڪومتي دور ۾ ميڊيا تي ڪڏهن به ڪا پابندي نه لاڳو ڪئي. اهڙن خيالن جو اظهار هن نجي ٽي وي چئنل جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي ڪيو، هن چيو ته موج??ده حڪومت ۾ سڀني کي اظهار راءِ جي آزادي حاصل آهي، پاڪستان ميڊيا ڊولپمينٽ اٿارٽي بابت اسٽيڪ هولڊرز سان خيالن جي ڏي وٺ جي هڪ ڪميٽي جوڙي و??ي آهي، هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته حڪومت عام ماڻهو جي طرز زندگي ۾ تبديلي آڻڻ لاءِ ملڪ ۾ قانون جي حڪمراني، آئين جي بالادستي ۽ گڊ گورننس کي يقيني بڻائي رهي آهي