اسلام آباد – 03 – سيپٽمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف ع??وي ايندڙ چونڊن کي وڌيڪ شفاف، محفوظ ۽ غيرجانبدار بڻائڻ جي لاءِ چونڊ عمل جي سمورن مرحلن ۾ سڌارا آڻيندي هڪ ٺوس طريقيڪار اختيار ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو آهي ۽ چيو آهي ته سمورين سياسي پارٽين ۽ ٻين لاڳاپيل ڌرين جي قومي ذميو??ري آهي ته اهي ملڪ ۾ چونڊ نظام کي مضبوط بڻائڻ جي لاءِ گڏيل ڪ??ششون ڪن. هن آئي ووٽنگ جي طريقيڪار جي ذريعي چونڊن ۾ ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پاڪستانين جي شموليت کي يقيني بڻائڻ جي ڪوششن کي تيز ڪرڻ تي پڻ زور ڏنو ته جيئن اهي پنهنجي ووٽ جو حق استعمال ڪرڻ جي قابل بڻجي سگهن. هو ايوان صدر ۾ چونڊ سڌارن جي عمل بابت اجلاس جي صدارت ڪري رهيو هو. اطلاعات ۽ نشريات و??ري وفاقي و??ير چوڌري فواد حسين، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي و??ري وفاقي و??ير سينيٽر سيد شبلي فراز، ري??وي و??ري وفاقي و??ير سينيٽر اعظم خان سواتي، وزيراعظم جي پارلياماني معاملن و??ري صلاحڪار ظهيرالدين بابر اعواڻ ۽ سرور ب??ري اجلاس ۾ شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ ملڪ ۾ موجوده چونڊ قانونن کي بهتر بڻائڻ جي حوالي سان مختلف تجويزن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. اجلاس ۾ چونڊ سڌارن جي عمل کي اڳتي وڌائڻ ۽ ان کي وڌيڪ ٺوس بڻائڻ جي لاءِ سياسي پارٽين ۽ ٻين لاڳاپيل ڌرين جي وچ ۾ اتفاق راءِ جي ضرورت تي زور ڏنو ويو. اجلاس ۾ ان ڳالهه کي به اجاگر ڪيو ويو ته سياسي پارٽين کي عورت اميدوارن جي چونڊ ۽ خاص طور تي پارليامينٽ ۽ صوبائي اسيمبلين ۾ عورتن جي مخصوص سيٽن کي ڀرڻ جي لاءِ وڌيڪ جمهوري عمل اختيار ڪرڻ جي ضرورت آهي. اجلاس ۾ هڪ کان وڌيڪ تڪن تان اليڪشن وڙهندڙ اميدوارن جي معاملي تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. سائنس ۽ ٽيڪنالاجي و??ري وفاقي و??ير سينيٽر شبلي فراز ٻڌايو ته اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين (اي وي ايم) جا عملي مظاهرا ان بابت آگاهي پيدا ڪرڻ ۽ چونڊن ۾ ان جي استعمال بابت ڪنهن به قسم جي شڪ کي ختم ڪرڻ جي لاءِ ڪيا پيا وڃن. صدر سياسي اختلافن کان مٿانهون ٿي پاڪستاني عوام جي بنيادي سياسي حقن جي لاءِ گڏيل طور تي ڪم ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو.