اسلام آباد – 24 آگسٽ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي سرڪاري م??ڪي??ون (قبضن جو خاتمو) آرڊيننس 2021ع جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، صدر ڊاڪٽر عارف علوي آئين جي آرٽيڪل 89 تحت آرڊيننس جاري ڪيو. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب آرڊيننس جو مقصد سرڪاري م??ڪي??ن تي غيرقانوني قبضن جو خاتمو آهي، غيرقانوني قبضا ڇڏرائڻ جي لاءِ مجاز آفيسر وٽ حڪمنامو جاري ڪرڻ جو اختيار هوندو، مقرر وقت ۾ م??ڪي?? خالي نه ڪرڻ جي صورت ۾ آفيسر کي ڪارروائي ڪرڻ ۽ طاقت اس??عمال ڪرڻ جو اختيار هوندو. آرڊيننس موجب مقامي پوليس سرڪاري م??ڪي??ون ڇڏرائڻ جي لاءِ انتظاميا کي ضروري مدد فراهم ڪندي، قبضن جي خاتمي تي خرچ ٿيندڙ رقم پڻ غيرقانوني قابض کان وصول ڪئي ويندي، غيرقانوني قبضو ڪندڙ ماڻهن کي ??يد ۽ ڏنڊ کي پڻ منهن ڏيڻو پوندو. آرڊيننس موجب قبضن جي خاتمي لاءِ صدر پاڪستان چيف جسٽس جي مشاورت سان اپيليٽ ٽربيونل جوڙيندو، سرڪاري م??ڪي??ن تي قبضن جي خاتمي بابت معاملن جي لاءِ اپيليٽ ٽربيونل ئي مجاز ادارو هوندو. صدر ڊاڪٽر عارف علوي پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ اٿارٽي (ترميمي) آرڊيننس 2021ع پڻ جاري ڪيو. پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ اٿارٽي (ترميمي) ايڪٽ 2021ع جي سيڪشن 14 ۾ ترميم ڪئي وئي.