اسلام آباد – 28 جنوري (اي پي پي) وفاقي ڪابينا اڳوڻن وزيراعظمن محمد نواز شريف، يوسف رضا گيلاني ۽ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري جي ڪئمپ آفيس، سيڪيورٽي، انٽرٽينمينٽ ۽ پرڏيهي نجي دورن تي خرچ ٿيندڙ اربين رپيا هڪ مهيني ۾ وصول ڪرڻ ۽ صدر ۽ وزيراعظم جي پگهارن ۽ مراعتن جي قانون ۾ ترميم جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، ان ترميم سان هاڻي صدر ۽ وزيراعظم جي رڳو هڪ رها??شگ??هه کي سرڪاري رها??شگ??هه جو درجو ڏنو ويندو ۽ جڳهه جڳهه ڪئمپ آفيسز قائم ڪرڻ ۽ انهن تي سرڪاري ناڻي ۽ عوام جي پئسي سان ٿيندڙ خرچن جي روڪٿام ڪري سگهبي، اڳتي ڪنهن به پبلڪ آفيس هولڊر بشمول صدر ۽ وزيراعظم جي لاءِ ڊيوٽي فري گاڏي جي سهولت نه هوندي. وزيراعظم عم??ان خان جي صدارت ۾ وفاقي ڪابينا جي اجلاس کان??وء?? وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ مواصلات واري وفاقي وزير مراد سعيد سان گڏ صحافين کي بريفنگ ??يندي ٻڌايو ته ڪابينا سنڌ ۾ انسپيڪٽر جنرل پوليس جي مقرري جي معاملي تي تفصيلي غور ويچار ڪيو.