اسلام آباد – 06 جون (اي پي پي) منصوبابندي، ترقي ۽ خاص قدمن واري وفاقي وزير اسد عمر قوم کي اپيل ڪئي آهي ته ڪورونا وائرس جي ڦهلاءُ کي روڪڻ جي لاءِ اها انهي ذميواري ۽ نظم ۽ ضبط جو مظاهرو ڪري جهڙو هن شروعاتي ڏينهن ۾ ڪيو، پاڪستاني قوم ڪيترن ئي هفتن تائين بهترين ڊسپلين جو مظاهرو ڪيو پر عيد کا?? اڳ شاپنگ ۽ بعد ۾ عيد تي ڊسپلين نه ڏٺو ويو، جيڪي ماڻهو ايس او پيز تي عمل نه ڪري رهيا آهن اهي پنهنجي زندگين سان گڏوگڏ ٻين جي زندگين کي به خطري ۾ وجهي رهيا آهن، وبا جي ڦهلاءُ کي روڪڻ جي لاءِ طاقتور هٿيار حفاظ??ي تدبيرون آهن، اسان سڀني جي مجموعي ذميواري آهي ۽ اسان سڀني کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو آهي، ٻڌل ڳالهيون نه پکيڙين، بنا تصديق جي ڪا به ڳالهه اڳتي نه پهچائين، حڪومت جي اڄ به ڪورونا جي ڦهلاءُ ۾ گهٽٽائي اولين ترجيح آهي پر مهينن ۽ سالن جي لاءِ قومن کي بند ن?? ٿو ڪري سگهجي، صحت جو نظام وڌائي رهيا آهيون، طبي عملي کي ٽريننگ ڏني پئي وڃي، 27 مارچ کا?? نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر ڪم شروع ڪيو اڄ تائين هڪ ڏينهن به ناهي رُڪيو، دنيا ۾ عالمي ادارن به پاڪستان ۾ رليف ڪوششن کي ساراهيو، ڪوورنا وبا ۾ ڊاڪٽرن کا??پوءِ جيڪڏهن ڪنهن جو ڪم مشڪل آهي ته اهو پوليس جو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن هتي اين سي او سي جي اجلاس جي صدارت کا??پوءِ صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو.