اسلام آباد – 11 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص معاون ۽ سي پيڪ اٿارٽي جي چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل (ر) عاصم سليم باجوه چيو آهي ته ڪورونا وبا دوران زندگي ۽ معاشي ذريع?? جي وچ ۾ توازن برقرار رکڻ جي پاڪستا?? جي مستقل پاليسي جي عالمي برادري پاران توثيق ڪئي پئي وڃي. عاصم سليم باجوه آڪسفيم جي هڪ رپورٽ جي جواب ۾ هڪ ٽوئيٽ پيغام ۾ چيو ته دنيا رشڪ سان پاڪستا?? جي پوئيواري ڪري رهي آهي جنهن سان اسا?? جي حڪمت عملي جي تائيد ٿي آهي ۽ ان وبا کي شڪست ڏئي اسا?? جي قوم پاڻ کي هڪ بهادر قوم ثابت ڪيو آهي. آڪسفيم جي تازي رپورٽ ۾ خبردار ڪيو ويو آهي ت?? بک جي ڪري هڪڙي ڏينهن ۾ 12 هزار ماڻهن تائين فوت ٿي سگهن ٿا ۽ اها مو?? جي شرح اپريل ۾ ڪورونا سبب ٿيندڙ ڏهاڙي 10 هزار فوتگين کان به وڌيڪ ٿي سگهي ٿي.