اسلام آباد – 13 آڪٽوبر (اي پي پي) وفاقي ڪابينا اڳوڻن صدرن ۽ وزيراعظمن تي ٿيل خرچن ۽ مراعاتن جو جائزو وٺڻ جي هدايت ڪندي فيصلو ڪيو آهي ته لاڳاپيل قانونن ۾ ترميم جي نتيجي ۾ صدر ۽ وزيراعظم کي رڳو هڪ ڪئمپ آفيس رکڻ جي ??جازت هوندي، وفاقي ڪابينا نوان گيس ٽرمينلز قائم ڪرڻ ۽ گئس جي پهچ جي لاءِ ??ئين پائيپ لائين وڇائڻ جي لاءِ رائٽ آف وي جو مسئلو حل ڪرڻ جي ??رورت تي زور ڏنو، ڪابينا اين آءِ ??ي بي کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جي ??والي سان تجويزون اقتصادي رابطا ڪميٽي ڏانهن موڪلڻ جي هدايت ڪئي آهي. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز وزيراعظم عمران خان جي ??دارت ۾ ٿيل وفاقي ڪابينا جي ??جلاس کانپوءِ صحافين کي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته ڪابينا موٽروي سانحي جي مرڪزي جوابدار ج?? گرفتاري تي پنجاب حڪومت ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي ڪارڪردگي کي ساراهيو.