اسلام آباد – 19 آڪٽوبر (اي پي پي) ??زي??اعظم عمران خان چيو آهي ته ايندڙ نسلن جي مستقل کي محفوظ بڻائڻ جي لاءِ ٻيلن جي واڍيءَ ۽ آلودگي جهڙن مسئلن تي ضابطو آڻڻو پوندو، صفائي سٿرائي اسان جي ايمان جو حصو آهي، ان حوالي سان ماڻهن جي سوچ کي تبديل ڪرڻ جي ضرورت آهي، رضاڪاراڻي خدمتن جو ج??بو اسان جي قومي طاقت آهي جنهن مان حڪومتي سطح تي فائدو کڻڻ گهرجي، سزا ۽ جزا جي نظام سان معاشري ۾ سٺن ڪمن کي ترقي ڏئي سگهجي ٿي، صاف سبز ان??يڪس تحت شهرن جي وچ ۾ مقابلي جو اهتمام حوصلي جوڳو قدم آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪلين گرين ان??يڪس ايوارڊز ورهائڻ جي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو.