اسلام آباد – 27 – ڊس??بر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز هرنائي بلوچستان ۾ ايف ??ي چيڪ پوسٽ تي دهشتگردن جي فائرنگ جي سخت مذمت ڪندي چيو آهي ته دهشتگردن جون بزدلاڻيون ڪارروايون قوم جي حوصلي کي ڪمزور نه ٿيون ڪري سگهن. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو ته بلوچستان ۾ دهشتگردن جي بزدلاڻي حملي جي شهيدن کي خ??اج عقيدت پيش ڪريون ٿا جن پنهنجي فرضن جي ادائيگي دوران پنهنجي جانين جا نذرانا پيش ڪيا.