لنڊن – 06 – اپريل (اي پي پي) ڀارتي ميزائيل جي پاڪستان حدن ۾ ڪرڻ جي ڪجهه ڏين??ن کانپوءِ فلپائن ڀارت کان ان معاملي تي جواب طلب ڪيو هو. ان ڳالهه جو انڪشاف بي بي سي ڀارتي اخبار جي حوالي سان پنهنجي هڪ رپورٽ ۾ ڪيو آهي. رپورٽ موجب ڀارت جي مشهور انگريزي اخبار ”دي انڊين ايڪسپريس“ پنهنجي ر??ورٽ ۾ لکيو ته فلپائن اها وضاحت ان لاءِ طلب ڪئي هئي ڇو ته هو ڀارت سان براهموس ميزائل جي خريداري جي هڪ معاهدي تي صحيح ڪري چڪو هو، فلپائن جي صدر روڊريگوڊوٽرٽي جي ڪابينا ۾ سڀ کان سينئر وزير ۽ دفاع واري سيڪريٽري ڊيلفائن لورينزانا ڀارتي سفير شمڀو ايس ڪ??ارن کي ان سلسلي ۾ طلب ڪيو هو. ڀارتي سفير فلپائن جي دفاع واري سيڪريٽري کي ٻڌايو ته ميزائل سسٽم ۾ ڪا فني مسئلو هو ۽ ان سلسلي ۾ جاچ جاري آهي، جڏهن جاچ مڪمل ٿيندي ته ان جي معلومات به فلپائن جي لاڳاپيل عملدارن سان شيئر ڪئي ويندي. پاڪستان جي سرزمين ۾ حادثاثي طور تي ڪرندڙ ميزائل جي ساخت ته ڪو به سرڪاري بيان سامهون نه آيو آهي ۽ فلپائن جي پريشاني جو اهو ئي سبب آهي. واضح رهي ته هلندڙ سال 28 جنوري تي فلپائن ڀارت سان براهموس ميزائل جي خريداري جي هڪ معاهدي تي صحيح ڪيون هيون جن??ن کي ڀارت جي ڊفينس ريسرچ اينڊ ڊولپمينٽ آرگنائيزيشن(ڊي آر ڊي او) ۽ روس جي اين پي او ميشينوسترونيا اداري گڏيل طور تي تيار ڪري ر??يا آهن، فلپائن سان ٿيندڙ اهو معاهدو 73 ڪروڙ 50 لک آمريڪي ڊالر ماليت جو آهي ۽ چيو پيو وڃي ته اهو انڊيا لاءِ هڪ وڏو دفاعي سودو آهي، هڪ ٻي ڀارتي اخبار ”دي هندو“جي موجب انڊيسن سفير ڪمارن اننٿاسيٽر جي اهتمام هيٺ منعقد تقريب ۾ چيو هو ته فلپائن سان شروعاتي معاهدو گذريل سال مارچ ۾ ٿيو هو، ٻيو معاهدو نومبر ۾ ۽ حتمي معاهدو هلندڙ سال جنوري ۾ ٿيو آهي، ڀارتي خابرو اداري اي اين آءِ جي 23 مارچ جي ر??ورٽ ۾ سرڪاري ذريعن جي حوالي سان ٻڌايو ويو ته ڀارتي فضائيه جي فوج ۾ ميجر جنرل جي عهدي جي برابر آفيسر ان معاملي جي جاچ ڪري ر??يا آهن ۽ بادي النظر ۾ اهو ميزائل هڪ گروپ ڪيپٽن رينڪ جي آفيسر جي غلطي جي بنياد تي فائر ٿيو هو.