اسلام آباد – 29 آڪٽوبر (اي پي پي) وز??راعظم عمران خان سان جارج ٽائون يونيورسٽي ۾ اسلامي تاريخ جي پروفيسر ڊاڪٽر تماراسون وز??راعظم آفيس ۾ ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ تعليم وارو وفاقي وز??ر شفقت محمود، هايئر ايجوڪيشن پنجاب جو صوبائي وز??ر راجا ياسر همايون، خيبرپختونخواهه جو تعليم وارو وز??ر ضي??ءَ بنگش پڻ موجود هئا. ملاقات ۾ اسلام جي تاريخ، اسلامي تهذيب ۽ تمدن، اسلام ج?? تعليم خاص طور تي شاعر مشرق علامه محمد اقبال جي دين اسلام ج?? تعليم، شاعري ۽ فلسفي جي حوالي سان ۽ نوجوان نسل ۾ اسلام جي اصل تشخص کي اجاگر ڪرڻ جي لاءِ قدمن تي پڻ ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي.