اسلام آباد – 06 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته موجوده حڪومت ميڊيا جي آزادي تي يقين رکي ٿي، ??يا??ت جو چوٿون ٿنڀ هجڻ ??ي حيثيت سان ميڊيا جو معاشري ۽ حڪومتي قدمن ت?? عوامي راءِ قائم ڪرڻ ۾ ڪردار اهم حيثيت رکي ٿو. اهڙن خيالن جو اظهار هن اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت ۾ سڌارن، حڪومت پاران شروع ڪيل عوامي ڀلائي جي منصوبن، معاشي ۽ اقتصادي ترقي ۽ ملڪ جو مثبت تشخص اجاگر ڪرڻ جي ڏس ۾ پريس انفارميشن ڊپارٽمينٽ جو ڪردار ۽ مستقبل ??ي حڪمت علي تي بريفنگ وٺندي ڪيو. اجلاس ۾ منصوبابندي واري وفاقي وزير اسد عمر، خاص معاون ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ، شهباز گل، اطلاعات واري سيڪريٽري زاهده پروين ۽ سينيئر آفيسرن شرڪت ڪئي.