اسلام آباد – 15 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عا??ق اعواڻ چيو آهي ته ڪرونا وائرس تي سارڪ وڊيو ڪانفرنس ۾ پاڪستان جي نمائندگ?? ان ڳالهه جو ثبوت آهي ته پاڪستان خطي جي عوام جي زندگي ۽ ان جي صحت بابت اهو ئي فڪر ۽ احساس رکي ٿو جيڪو پنهنج?? شهرين جي حوالي سان ان کي آهي، سارڪ تنظيم خطي ۾ رهندڙ عوام جي گڏيل مفادن ??ابت هڪ اهم ادارو آهي. سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي پنهنجي ٽوئيٽ ۾ ڊاڪٽر فردوس عا??ق اعواڻ چيو ته سارڪ تنظيم خطي ۾ رهندڙ عوام جي گڏيل مفادن ??ابت هڪ اهم ادارو آهي، ان اداري جي حقيقي ڪردار جو ان کان بهتر وقت ٻيو نه ٿو ٿي سگهي.