اسلام آباد – 09 مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات و??ري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته (ن) ليگي قيادت اڄ پنهنجو پوکيل ڪاٽي ره?? آهي، جيڪڏهن توهان بيگناهه آهيو ته فڪر ڪهڙي ڳالهه جي؟ سوال?? جا جواب ڏئي ڇڏيو، ڊگهيون ڊگهيون پريس ڪانفرنسون ان ڳالهه جو ثبوت آهن ته توهان وٽ ڪو به قانوني دفاع نه آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ سينيٽر شبلي فراز چيو ته سياست کي ڪاروبار جو ذريعو بڻائيندڙ عوام کي وڌيڪ گمراهه نه ٿا ڪري سگهن، وز??را??ظم ڪورونا سان وڙهي رهيو آهي جڏهن ته (ن) ليگ عمران خان ۽ نيب تي ڪاوڙ ڪري ره?? آهي.