اسلام آباد – 06 جو??اءِ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان هائوسنگ، تعميرات ۽ ترقي بابت قومي رابطا ڪميٽي جوڙي ڇڏي آهي، ڪميٽي جو مقصد تعميرات ۽ ترقي بابت س??گر??ين جو فروغ خاص طور تي نئين پاڪستان هائوسنگ اسڪيم جي تحت معاشري جي گهٽ آمدني وارن ماڻهن ل??ءِ سستا گهر تعمير ڪرڻ آهي، نئون پاڪستان هائوسنگ اينڊ ڊولپمينٽ ا??ار??ي جو چيئرمين ڪميٽي جو سربراهه هوندو، وزيراعظم ميڊيا ونگ موجب ڪميٽي جو سربراهه هفتي ۾ ٻه ڀيرا وزيراعظم کي اجلاس جي ڪارروائي جي اڳڀرائي کان آگاهه ڪندو.