اسلام آباد – 22 ??يپ??مبر (اي پي پي) وفاقي ڪابينا اينٽي ڪينسر،ڪارڊيڪ ڊرگز ۽ زندگي بچائيندڙ ??وائن وغيره جي درآمدات کي ڪجهه شرطن تحت پابندي کان ڇوٽ قرار ڏيڻ جي تجويز، ڪوويڊ 19 کان بچاءُ جي دوا جي قيمت 10.873 کان گهٽ ڪري 8244 رپيا ڪرڻ، ڪنٽونمينٽ بورڊ جا نوان ميمبر مقرر ڪرڻ جي حوالي سان پيش ڪئي ويندڙ ??جويزن ۽ 7 مختلف ڪنٽونمينٽس جي ري ڪلاسيفڪيشن جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ وفاقي ڪابينا جي اجلاس کانپوءِ نيشنل هيلٿ سروسز واري خاص معاون ڊاڪٽر فيصل سلطان سان گڏ ميڊيا کي بريفنگ ڏئي رهيو هو.