اسلام آباد – 10 آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فر??ز چيو آهي ته نواز شريف ۽ آصف زرداري ٻنهي جي بيماري جو سبب هڪ ئي آهي، قوم سان ??اڻي اها دوکيبازي نه هلندي، قوم جو مال ته واپس ڪرڻو ئي پوندو، ڪرپشن سان ??لڪ جو بنياد کوکلو ڪرڻ جو جواب ته ڏيڻو پوندو، عمران خان ??لڪي دولت ڦريندڙن جي اعصاب تي سوار آهي. سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي پنهنجي ٽوئيٽ ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته عمران خان ??لڪي دولت ڦريندڙن جي اعصاب تي سوار آهي، قانون ج?? حڪمران جو د??وي??ار بلاول صاحب پنهنجي انڪل نواز شريف کي چوي ته واپس عدالت ۾ پيش ٿي قانون ج?? حڪمراني جو عملي ثبوت ڏي. هن چيو ته بلاول ان ڪرپٽ ورثي جو نمائندو آهي جنهن ملڪ جو بنياد کوکلو ڪيو، پيپلزپارٽي کي ڀٽو جي وفاقي پارٽي مان علائقائي پارٽي ۾ بدلائڻ جو سهرو بلاول ۽ والد جي سر آهي.