اسلام آباد – 04 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان ۽ بوسنيا هرزيگووينا جي پريزيڊنسي جي چيئرمين شفيق جعفر ووچ ۾ نويڪلائي ۾ ملاقات ٿي. ملاقات ۾ ٻطرفن لاڳاپن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي ۽ سمورن شعبن خاص طور تي معيشت، واپار، سيڙپڪاري، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي، دفاعي صنع?? ۽ ??عليم ۽ ثقافت ۾ گڏيل تعاون کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ تي پڻ اتفاق ڪيو ويو. وزيراعظم ميڊيا آفيس موجب ٻنه?? اڳواڻن جي وچ ۾ ملاقات ۾ وزيراعظم عمران خان بوسنيا هرزيگووينا جي پريزيڊنسي جي چيئرمين شفيق جعفر ووچ جي آجيان ڪندي چيو ته پاڪستان جا بوسنيا هرزيگووينا سان ڀائراڻا لاڳاپا آهن جيڪي گڏيل تعاون تي ٻڌل آهن.