اسلام آباد – 27 جولاءِ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي و??ير چوڌري فواد حسين ڪيپٽن محمد سرور شهيد کي خراج عقيدت پيش ڪندي چيو آهي ته ڪيپٽن سرور شهيد جو نه ٽٽندڙ حوصلو ۽ وفاداري سدائين جي لا??ِ ??زم ۽ همت جو مثال رهندي. ڪيپٽن محمد سرور شهيد جي 73 هين شهادت جي ڏهاڙي تي پنهنجي پيغام ۾ هن چ??و ته مادر وطن ۽ ڪشمير لا??ِ ??ندس قرباني اسان جي ان عزم کي وڌيڪ مضبوط ڪري ٿي ته اسان کي پنهنجي ملڪ جي هر قيمت تي حفاظت ڪرڻي آهي. هن چ??و ته قوم، ملڪ جي خاطر جان جو نذرانو پيش ڪندڙ شهيدن کي سدائين ياد رکندي. ڪيپٽن راجا محمد سرور شهيد جي بهادري ۽ شجاعت نوجوانن ۾ جوش ۽ جذبو پيدا ڪندي رهندي، هن چ??و ته ملڪ جي خاطر پنهنجي جان جي قرباني ڏيندڙ ڪيپٽن سرور شهيد بهادري جو روشن مثال آهي، قوم 1948ع جي ڪشمير جنگ ۾ بهادري، شجاعت جي داستان رقم ڪندڙ شهيد ڪيپٽن محمد سرور کي خراج عقيدت پيش ڪندي رهندي.