اسلام آباد – 30 جولاءِ (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي ڊپٽي اسپيڪر قاسم خان سوري چيو آهي ته پاڪستان ۽ افغانستان جي مذهبي ۽ ثقافتي قدر هڪجهڙا آهن، اسان هڪ مضبوط افغانستان جا خواهشمند آهيون ج??هن ۾ فيصلو افغانستان جا ماڻهو پاڻ ڪندا، افغان باهمت ماڻهو آهن، هنن ڪڏهن شڪست تسليم ناهي ڪئي، افغان ??من عمل ۾ پاڪستان ڀرپور ڪردار ادا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، اسان افغانستان کي ترقي ڪندڙ ملڪ ڏسڻ چاهيون ٿا. اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪ افغان يوٿ فورم جي اهتمام هيٺ منعقد تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير چوڌري فواد حسين، مذهبي معاملن وارو وفاقي وزير پير نور الحق قادري، موسمياتي تبديلي واري مملڪتي وزير زرتاج گل، وزيراعظم جو خاص مددگار شهباز گل سميت ٻيو?? اهم شخصيتون به موجود هيون. قاسم خان سوري چيو ته پاڪستان ۽ افغانستان جا مذهبي ۽ ثقافتي قدر هڪجهڙا آهن، اسان جا تاريخي هيروز ڪابل کان اچي ننڍي کنڊ پاڪ ۽ هند ۾ تاريخ رقم ڪئي، حضرت د??تا گنج بخش افغانستان مان هتي آيو ۽ اسلام جي تبل??غ ڪئي، شير شاهه سوري ڪابل کان ڪلڪته تائين 3300 ڪلوميٽر رستو ٺاهيو. هن چيو ته بدقسمتي سان گذريل 40 سالن دوران افغانستان ۾ ظلم ۽ ستم ڪيو ويو. تقريبن 30 لک افغان پناهگير گذريل 40 سالن کان هتي رهيل آهن، ا??هن پناهگيرن جي بارن جي نالا افغانستان سان جڙيل آهن پر ا??هن اڄ تائين افغانستان ناهي ڏٺو، هن چيو ته اسان ان وقت تائين اڳتي نٿا وڌي سگهون جيستائين افغانستان هڪ آزاد ۽ خودمختيار ملڪ نه بڻجي وڃي، هن چيو ته اسان افغانستان کي ترقي ڪندڙ ملڪ ڏسڻ چاهيون ٿا. هن ٻڌايو ته گذريل ٽن سالن دوران افغانستان جي هر طبقي سان تعلق رکندڙ ماڻهن کي هتي گهرايو ويو، افغاني اسان جو ڀاءُ آهن، اسان جن حالتن مان گذري رهيا آهيون هڪٻئي کي سمجهڻ جي ضرورت آهي، هن چيو ته 40 سالن جي جنگ ۽ جدل سان ڏٺي آهن، اسان بارڊر تي سٺي فضا قائم ڪرڻ چاهيون ٿا، هن چيو ته افغان ??من عمل ۾ پاڪستان پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪيو، نوجوانن کي مخطاب ٿيندي ڊپٽي اسپيڪر چيو ته قاسم خان سوري چيو ته اسان جي ڪوشش آهي ته افغانستان ۾ هڪ متفقه حڪومت قائم ٿي ج??هن ۾ فيصلا افغانستان جا ماڻهو پاڻ ڪندا، هن چيو ته افغانستان ۾ خراب ٿيندڙ صورتحال سان پاڪستان به متاثر آهي، افعانستان ۾ ??من ٿيندو ته اسان به ترقي ڪندا، هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان 57 اسلامي ملڪن ۾ سڀ کان مشهور ملڪ ۽ ايٽمي طاقت آهي، هتي جي وڏي آبادي نوجوانن تي مشتمل آهي، اسان کي ا??هن کي بهتري جي طرف وٺي وڃڻو آهي، ان موقعي تي مذهبي معاملن واري وفاقي وزير نور الحق قادري پشتو زبان ۾ خطاب ڪيو.