فيصل آباد – 08 آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته وڻ لڳائڻ اسان جي قومي ذميواري آهي، اسان کي پاڪستان سميت پوري دنيا کي موسمياتي تبديلي جي اثرن کان بچائڻو آهي، موسمياتي تبديلي جي حوالي سان اسان سڀني کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ جي ضرورت آهي. هو فيصل آباد ۾ وڻڪاري مه?? جي سلسلي ۾ ٻوٽو لڳائڻ کانپوءِ صحافين سان ڳا??ها??ي رهيو هو. اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ته حڪومت موسمياتي تبديلي جي لاءِ 14 سئو ارب رکيا آهن. وڻ لڳائڻ صدقه جاريه آهي. هن چيو ته پوري دنيا موسمياتي تبديلي کان متاثر ٿي رهي آهي. هن چيو ته وزيراعظم عمران خان موسمياتي تبديلي کي منهن ڏيڻ جي لاءِ وڻڪاري مه?? جي شروعات ڪئي. وزيراعظم عمران خان جي هڪ ڪال تي پوري قوم متحد ٿي وڻڪاري مه?? ۾ حصو ورتو. هن چيو ته وزيراعظم عمران خان جي وڻڪاري مه?? کي پوري دنيا ساراهيو آهي، اهو ئي سبب آهي جو گڏيل قومن جي عالمي ڏينهن جي ميزباني جو موقعو به پاڪستان کي مليو.