اسلام آباد – 09 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان لاهور روانو ٿي ويو آهي. وزيراعظم آف??س جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان موجب وزيراعظم حڪومت جي ڪلين اينڊ گرين پاڪستان ويزن موجب لاهور جي علائقي سگيان ۾ دنيا جي سڀ کان وڏي مياواڪي فاريسٽ جو افتتاح ڪندو. لاهور ۾ اهڙا 53 لڳايا پيا وڃن جيڪي لاهور جي فضا ۾ ڪ??رب?? جي مقدار کي گهٽ ڪرڻ ۾ مددگار ث??بت ٿيندا. 100 ڪينال تي ٻڌل جديد ٽيڪنالاجي سان لڳايل انهي ٻيلي ۾ مجموعي طور تي هڪ لک 65 هزار ٻوٽا پوکيا پيا وڃن جيڪي عام ٻيلن جي ڀيٽ ۾ ڏهوڻي وڌيڪ رفتار سان وڌندا آهن. وزيراعظم ان موقعي تي ??وٽ?? به پوکيندو. ان کانپوءِ وزيراعظم لاهور ۾ اهم اجلاسن جي صدارت به ڪندو.