اسلام آباد – 11 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان هڪ ڏينهن جي دوري تي بها??لپ??ر پهچي ويو آهي. وزيراعظم بها??لپ??ر ۾ ڏکڻ پنجاب جي قيادت ??ان ملاقات ڪندو. ان کانسواءِ وزيراعظم کي فعال ڏکڻ پنجاب سيڪريٽريٽ جي ڪارڪردگي ۽ بها??لپ??ر ڊويزن ۾ ترقياتي ??نصوبن تي تفصيلي بريفنگ ڏني ويندي. بعد ۾ وزيراعظم حڪومت جي زراعت تي خصوصي ڌيان جي ويزن جي تحت ٿيندڙ آبادگار ڪنوينشن ۾ خاص مهمان جي حيثيت ۾ شرڪت ڪندو. جتي ??ه رڳو ڏکڻ پنجاب ۾ پيداوار جي اضافي پر آبادگارن جي مدد جي منصوبن جو افتتاح ڪندو. وزيراعظم تقريب کي خطاب به ڪندو. وزيراعظم ملڪ ۾ وڏي پئماني تي جاري سانوڻي جي مند جي وڻڪاري مهم جي سلسلي ۾ لال سوهانره نيشنل پارڪ ۾ ٻوٽو لڳائيندو ۽ اتي ??يلن جي تحفظ لاءِ جديد ٽيڪنالاجي جو جائزو به وٺندو .