اسلام آباد -21 آگسٽ (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاه محمود قريشي اسلامي سهڪار تنظيم (او آءِ سي) جي سيڪريٽري جنرل ڊاڪٽر يوسف العثمين سان ٽيليفونڪ رابطي تي اف??انستان جي موجوده صورتحال تي ڳالهه ٻولهه ڪئي آهي. پرڏيهي آفيس مان جاري بيان مطابق پرڏيهي وزير چيو ته پاڪستان اف??انستان ۾ امن جي قيام لاءِ پنهنجو تعميري ۽ هاڪاري ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي. هن ان اميد جو اظهار ڪيو ته اف??ان اڳواڻ پنهنجي گڏيل اختلافن جي خاتمي ۽ جامع سياسي تصفيه لاءِ ج??ري ڳالهين مان فائدو کڻندا. شاه محمود قريشي چيو ته ڪابل ۾ جاري ڳالهين جي ڪاميابي نه صرف اف??انستان پر سڄي خطي لاءِ بهتري جو سبب بڻجندي. هن چيو ته ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته اف??ان شهرين جي سيڪيورٽي ۽ انهن جي حقن جي تحفظ ک?? يقيني بڻايو وڃي. پرڏيهي وزير عالمي برادري تي زور ڀريو ته اها اف??انستان جي بحالي ۽ نئين سر تعمير لاءِ اف??انين کي معاشي معاونت جي فراهم لاءِ پنهن??و ڪردار ادا ڪري. هن چيو ته مسلم امت تي به اها ذميواري لاڳو ٿئي ٿي ته هو پرامن، مستحڪم ۽ خوشحال اف??انستان لاءِ اف??انستان يڪجهتي جو مظاهرو ڪري. هن چيو ته اسان ڪابل ۾ هڪ اهڙي وسيع بنيادن واري حڪومت جا خواهشمند آهيون. پرڏيهي وزير سيڪريٽري جنرل کي اف??انستان جي اندر ۽ ٻاهر ڪيترين ئي امن مخالف قوتن (اسپائيلرز) جي موجودگي جي خطري بابت به آگاهه ڪيو. پرڏيهي وزير ڪابل ۾ واپسيءَ جي منتظر مختلف ملڪن جي سفارتي عملي، عالمي ادارن جي ڪارڪنن ۽ ميڊيا نمائندن جي نيڪالي لاءِ پاڪستان طرفان فراهم ڪيل معاونت بابت به آگاهه ڪيو. سيڪريٽري جنرل پرڏيهي وزير کي اڄ 22 آگسٽ تي جده ۾ اف??انستان جي حوالي سان منعقد ٿيندڙ او آءِ سي جي ايگزيڪيوٽو ڪميٽي جي هنگامي اجلاس بابت آگاهه ڪيو.