اسلام آباد – 17 آگسٽ (اي پي پي) برطانوي وزيراعظم ??ور?? جانسن وزيراعظم ??مران خان سان ٽيليفونڪ رابطو ڪيو. ٻنهي وزير??عظ??ن افغانستان جي تازي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ڳالهه ٻولهه دوران وزيراعظم ??مران خان پاڪستان جي لاءِ پرامن ۽ مستحڪم افغانستان جي اهميت تي زور ڏنو. هن ان ڳالهه تي به زور ڏنو ته سمورن افغانين جو تحفظ، سلامتي ۽ حقن جو احترام يقيني بڻائڻ انتهائي اهم آهي. وزيراعظم ??فغانستان ۾ هڪ ٺوس سياسي حل جي اهميت تي پڻ زور ڏنو. وزيراعظم ??مران خان افغانستان مان سفارتي، عالمي ادارن جي عملي ۽ ٻين ماڻهن جي نڪرڻ ۾ پاڪستان جي مثبت ڪردار کي اجاگر ڪيو. ٻنهي وزير??عظ??ن افغانستان ۾ تبديل ٿيندڙ صورتحال جي حوالي سان رابطن ۾ رهڻ تي پڻ اتفاق ڪيو. ٻطرفي تناظر ۾ وزيراعظم ??مران خان پاڪستان پاران ڪوويڊ 19 تي ضابطو آڻڻ جي لاءِ کنيل وسيع قدمن تي روشني وڌي ۽ چيو ته لاڳاپيل ڊيٽا برطانيا سان شيئر ڪئي وئي هئي. وزيراعظم ??ور?? جانسن کان پاڪستان کي ريڊ لسٽ مان ڪڍڻ جو مطالبو پڻ ڪيو آهي.