اسلام آباد – 31 آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چي?? آهي ته جيڪڏهن توهان صحافين جا ايترا ئي خيرخواهه آهيو ته بلاول صاحب ٻڌايو بطور انساني حقن بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جي چيئرمين پروٽيڪشن آف جرنلسٽس اينڊ ميڊيا پروفيشنلز بل کي التوا ۾ ڇو رکي?? آهي، جرنلسٽ پروفيشنل اينڊ پروٽيڪشن بل اسٽينڊنگ ڪميٽي ۾ رڪيل آهي ان جو نقصان صحافين ۽ ميڊيا ورڪرز کي ٿي رهي?? آهي، اهو قانون ٺهي وڃي ته صحافين کي 100 سيڪڙو تحفظ ملن??و، پي ??يم ڊي اي جي ذريعي صحافين، ميڊيا ورڪرز ??ي پگهارن جي وقت سر ادائيگي ۽ نوڪرين جي تحفظ کي يقيني بڻايو وي?? آهي، مخالف ڌر تنقيد براءِ تنقيد پاليسي تحت پي ??يم ڊي اي جي مخالفت ڪري رهي آهي، پي ??يم ڊي اي ۾ صحافين ۽ ميڊيا ورڪرز جي تربيت کي لازمي قرار ڏنو وي?? آهي، معاشي استحصال تي 21 ڏينهن ۾ فيصلو ٿي وين??و، اليڪٽرانڪ ميڊيا جي صحافين ۽ ميڊيا ورڪرز کي پنهنجي حقن جي لاءِ موثر پليٽ فارم ملن??و، بلاول زرداري پاڪستان ميڊيا ڊيولپمينٽ اٿارٽي (پي ??يم ڊي اي) کي پڙهڻ کانسواءِ ئي رد ڪري سياسي اناڙي هجڻ جو ثبوت ڏن?? آهي. بلاول زرداري جي بيان تي ردعمل ۾ اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ته بلاول ٻڌائي ته سنڌ ۾ اجي لالواڻي ۽ عزيز ميمڻ سميت صحافين تي حملن ۽ صحافين جي قتل جي واقعن تي اڄ تائين ڪهڙي ڪارروائي ڪئي، پراسرار خاموشي تي صحافي برادري ۽ متاثر صحافي خاندانن کان معافي وٺندا. هن چيو ته سنڌ ۾ ذخيره اندوزن جي حڪومت آهي، انهي جي ڪري سڀ کان وڌيڪ مهانگائي سنڌ ۾ آهي، حقيقت اها آهي ته پيپلزپارٽي ذخيره اندوزن ??ي پٺڀرائي ڪري رهي آهي، بلاول صاحب ٻڌائي ته ڪيستائين سنڌ جي عوام کي انهن ذخيره اندوزن جي رحم ڪرم تي ڇڏيو ويندو. هن چيو ته پيپلزپارٽي مسلسل ٽيون ڀيرو سنڌ تي حڪومت ڪري رهي آهي پر سنڌ جي عوام جا مسئلا جيئن جو تيئن آهن، اڄ تائين ڪراچي سميت سنڌ جي عوام کي پيئڻ جو صاف پاڻي فراهم نه ڪندڙ ڪهڙي منهن سان وفاقي حڪومت تي تنقيد ڪن ٿا.