اسلام آباد – 09 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ڊگهين عمارتن جي شڪل ۾ رهائش حڪومت جي ترجيح آهي، اهڙي طرح اسان تيزي سا?? وڌندڙ آبادي جي رهائشي ضرورتن کي پورو ڪري سگهنداسين. اهڙن خيالن جو اظهار هن هائوسنگ، ڪنسٽرڪشن ۽ ڊيولپمينٽ بابت قومي رابطا ڪميٽي جي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ ناڻي واري ??فاقي وزير شوڪت فياض ترين، اطلاعات ۽ نشريات واري ??ملڪتي وزير فرخ حبيب، وزيراعظم جي خاص معاون ڊاڪٽر شهباز گل، اسٽيٽ بئنڪ جي گورنر رضا باقر، نئون پاڪستان هائوسنگ اينڊ ڊيولپمينٽ اٿارٽي جي چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل (ر) انور علي حيدر ۽ ٻين لاڳاپيل سينيئر آفيسرن شرڪت ڪئي. وزيراعظم کي لاهور ۾ جاري ڪيڊاسٽريل ميپنگ مشق تي بريفنگ ڏني وئي. کيس ٻڌايو ويو ته منصوبو ٽريڪ تي آهي ۽ 15 نومبر 2021ع تائين مڪمل ٿي ويندو. وزيراعظم لاڳاپيل عملدارن کي هدايت ڪئي ته اهي لاهور جي زمين رڪارڊ کي جلد کان جلد ڊيجيٽل ڪرڻ کي مڪمل ڪرڻ تي ڌيان ڏين ته جيئن زمين تي قبضا مافيا ۽ قبضن جي خلاف هڪ عام ماڻهو کي ريليف ملي سگهي. وزيراعظم کي هائوسنگ اينڊ ورڪس واري ??زارت تحت مختلف هائوسنگ منصوبن جي اڳڀرائي کان پڻ آگاهه ??يو ويو. وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته هائوسنگ اينڊ ورڪس واري ??زارت 86323 هائوسنگ يونٽس تعمير ڪري رهي آهي جن جي مجموعي لاڳت 463 ارب رپيا آهي، ان جي مختلف منصوبن تحت ملڪ ۾ تعميراتي سرگرمين ۾ تيزي سان 200000 کا?? وڌيڪ روزگار جا موقعا پيدا ٿي رهيا آهن، 2314 ارب رپين کا?? وڌيڪ ماليت جون معاشي سرگرميون پيدا ٿينديون. وزيراعظم عمران خان ڳالهه ??ي ورجايو ته ڊگهين عمارتن جي شڪل ۾ عمودي رهائش حڪومت جي ترجيح آهي، اها نه رڳو تيزي سا?? وڌندڙ آبادي جي رهائشي ضرورتن کي پورو ڪندي پر ڊيجيٽلائيزڊ ڪيڊاسٽريل ميپنگ موجب شهرن جي زمين جي موثر استعمال کي پڻ يقيني بڻا??ين??ي.