اسلام آباد – 19 – سيپٽمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي بئنڪنگ محتسب جو پرائي??يٽ بئ??ڪن کي شڪايت ڪندڙن جي اڪائونٽ ۾ 12 لک رپين جي رقم جمع ڪرائڻ جو فيصلو برقرار رکيو آهي. ايوان صدر ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب پرائي??يٽ بئ??ڪن بئنڪنگ محتسب جي فيصلي جي خلاف صدر ڊاڪٽر عارف علوي کي درخواست ڪئي هئي. واضح رهي ته نج??ه سلطانه، زاهد شاهه ۽ طارق محمود چوڌري نالي شهرين جي اڪائونٽس مان دوکيبازي ذريعي 12 لک رپين کان وڌيڪ جي رقم ڪڍي وئي هئي ڇو ته شڪايت ڪندڙن فراڊ ڪندڙن کي ٽيليفون تي پنهنجي بئنڪ اڪائونٽس جا تفصيل ڏنا هئا. واضح رهي ته شڪايت ڪندڙن پنهنجي بئ??ڪن پاران آن لائين بئنڪنگ جي سهولت حاصل نه ڪئي هئي. بنا اجازت جي اڪائونٽس مان رقم ٽرانسفر ڪرڻ تي بئنڪنگ محتسب پرائي??يٽ بئ??ڪن کي رقم واپس ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو ۽ پنهنجي فيصلي ۾ چيو هو ته بئنڪ صارفين کي پنهنجي مصنوعات بابت آگاهي ۽ تعليم ڏيڻ بئ??ڪن جي ذميواري آهي. صدر ڊاڪٽر عارف علوي پرائي??يٽ بئ??ڪن پاران ڏني ويندڙ درخواست تي چيو آهي ته صارفين جي اجازت کانسواءِ اليڪٽرانڪ فنڊ ٽرانسفر جي سهولت فراهم ڪرڻ جي ڪري رقم جو نقصان برداشت ڪرڻو پيو. هن چيو ته بئنڪون قانون تي عملدرآمد جي حوالي سان ڪي به دستاويز پيش ڪرڻ ۾ ناڪام رهيون آهن. اهڙي طرح صدر ڊاڪٽر عارف علوي بئنڪنگ محتسب جو پرائي??يٽ بئ??ڪن کي شڪايت ڪندڙن جي اڪائونٽ ۾ 12 لک رپين جي رقم جمع ڪرائڻ جو فيصلو برقرار رکيو آهي.