اسلام آباد – 29 – سيپٽمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي فاصلاتي تعليم ۽ اي لرننگ جي فروغ تي زور ڏيندي چيو آهي ته اهو طريقو سستو آهي ۽ ڪيترائي ما??هو ان جي سگهه رکن ٿا، ورچوئل يونيورسٽي جي پهچ کي وڌائڻ جي صرورت آهي ته جيئن ملڪ جي ڏورانهن لائقن جا ??اگ??د آن لائن تعليم مان فائدو کڻي سگهن. صدر اهڙن خيالن جو اظهار ايوان صدر ۾ ورچوئل يونيورسٽي آف پاڪستان بابت بريفنگ دوران ڪيو. ورچوئل يونيورسٽي جي ر??ڪٽر پروفيسر ڊاڪٽر ارشد سليم ڀٽي اجلاس کي آن لائن تعليم ۽ فاصلاتي تعليم جي فروغ ۾ يونيورسٽي جي ڪردار کان آگاهه ڪيو. هن ان ڳالهه تي ر??شني وڌي ته في ا??حال 100000 ??اگ??د مختلف شعبن ۾ داخل اهن ۽ 80000 کان وڌيڪ ??اگ??د يونيورسٽي مان فارغ ٿي چڪا آهن. هن چيو ته ورچوئل يونيورسٽي پنهنجي ??اگ??دن کي ڊيجيٽل مهارت فراهم ڪري ر??ي آهي، ان کانسواءِ پنهنجي چار ٽي وي چينلز تي ليڪچرز ۽ تعليمي مواد نشر ڪري ر??ي آهي، اجلاس کي خطاب ڪندي صدر يونيورسٽي ا??تظاميا کي چيو ته اها ڊيجيٽل دور جي ضرورتن موجب يونيورسٽي جي لاءِ هڪ نئون ويزن ۽ مستقبل جا منصوبا جوڙي ۽ پنهنجي هدفن ۽ مقصدن کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ ٽائم لائينز طئي ڪري. هن هايئر ايجوڪيشن ڪميشن (ايڇ اي سي) تي پڻ زور ڏنو ته اها ورچوئل ايجوڪيسن جي لاءِ پنهنجي پاليسي کي حتمي شڪل ڏيڻ تي ڪم تيز ڪري جنهن سان ملڪ جي ڏورانهن علائقن سان تعلق رکندڙ ??اگ??دن کي فائدو پهچي.