ڪراچي- 19 آڪٽوبر ( اي پي پي) سنڌ جي گ??رنر عمران اسماعيل 12 ربيع الاول جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ چيو آهي ته اڄ منهنجي آقا سرور قونين حضرت محمد صلي الله عليهه وسلم جو يوم ولادت آهي ا??وڪو ڏينهن سمورن مسلمانن لاءِ خوشي ۽ مسرت جو ڏينهن آهي. الله تعاليٰ حضرت محمد صلي الله عليهه وسلم کي هن دنيا ۾ رحمت للعالمين بڻائي موڪليو اسان کي پنهنجي آقا جي تعظيم سان گڏو گڏ سندن تعليمات کي ??ه غور سان ڏسڻو ۽ سمجهڻو آهي ۽ سمجهي ان تي زندگي گذارڻ جي ڪوشش ڪرڻي آهي.
حضور جن جي تعليمات ئي ا??وڪي ڏينهن جو سڀ کا?? وڏو فلسفو آهي. اسان کي هيڏانهن هوڏانهن ڀٽڪڻ بدران پنهنجي ن??ي ڪريم صلي الله عليهه وسلم جي ڏيکاريل رستي تي هلڻو آهي. هن چيو ته منهنجي ن??ي جي زندگي ۾ انهن جو کائڻ پيئڻ ، اٿڻ ويهڻ ، انهن جي سياست ، انهن جون جنگيون ، انهن جي منصوبه بندي ، رياست مدينه جو قيام ۽ رياست مدينه جي ماڻهن سان سلوڪ انهن سمورن روين جو نالو ئي اسلام آهي. اسان سڀ اڄ عهد ڪيون ته جيڪو رستو منهنجي ن??ي ڏيکاريو ان رستي تي هلي فلاح جي رستي تي وڃون.