اسلام آباد – 30 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان قومي مفاد کي نظر ۾ رکن??ي پيٽروليم مصنوعات جي قيمتن ۾ اضافو نه ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. وزيراعظم عوامي ريليف جي ڏس ۾ اوگرا ۽ ناڻي واري وزارت پاران پيٽروليم مصنوعات جي قيمتن ۾ اضافي جي تجويز رد ڪري ڇڏي. وزيراعظم ميڊيا آفيس پاران جاري بيان موجب اوگرا عالمي منڊي ۾ پيٽروليم جي و??ند?? قيمتن جي ڏس ۾ پهرين نومبر کان پاڪستان ۾ پيٽرول جي قيمت 11.53 رپيا، هائي اسپيڊ ڊيزل 8.49 رپيا، گاسليٽ 6.29 رپيا ۽ لائيٽ ڊيزل 5.72 رپيا وڌائڻ جي تجويز ڏني هئي جڏهن ته وزيراعظم تجويز ڪيل اضافي کي رد ڪن??ي پيٽروليم مصنوعات جي قيمتن کي وڌائڻ کان روڪي ڇڏيو. حڪومت عالمي سطح تي و??ند?? مهانگائي جو بار عوام تي منتقل ڪرڻ بدران عوام جي ريليف کي ترجيح ڏئي رهي آهي. اوگرا پاران تجويز ڪيل تازي اضافي جي مد ۾ عوام تي پوندڙ بار کي حڪومت پاڻ برداشت ڪري رهي آهي.