اسلام آباد – 15 – نومبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ت?? حڪومت بلوچست??ن جي ترقي جي لاءِ خصوصي قدم کڻي رهي آهي، بلوچست??ن جي لاءِ خصوصي ترقياتي ??ئڪيج سان صوبي ۾ خوشحالي ايندي، خصوصي ماڻهن ۽ بلوچست??ن جي نوجوانن کي حڪومت جي قرض اسڪيمن بابت رهنمائي فراهم ڪئي وڃي. ايوان صدر جي ميڊيا ونگ پار??ن جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن گورنر هائوس ڪوئيٽا ۾ خصوصي ماڻهن جي ڀلائي جي حوالي سان قدمن تي بريفنگ دوران ڪيو. اجلاس ۾ بلوچست??ن جي گورنر سيد ??هور آغا، وڏي وزير مير عبدالقدوس بزنجو ۽ ٻين عملدارن شرڪت ڪئي. صدر چيو ته خصوصي ماڻهن کي معاشري جو ڪارائتو شهري بڻائڻ ضروري آهي، خصوصي ماڻهن کي هنرمند بڻائڻ جي لاءِ ووڪيشنل ٽريننگ سينٽرز جي دائري کي سگهه ڏيڻي پوندي، خصوصي ماڻهو معاشري جو اهم حصو آهن، جن کي هنرمند بڻائڻ جي ضرو??ت آهي. ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته بلوچست??ن جي ترقي سان پوري ملڪ ۾ خوشحالي ايندي، ترقياتي ??ئڪيج سان صوبي جي محرومين جو ازالو ڪرڻ ۾ مدد ملندي، بلوچست??ن جي ترقي جي لاءِ خصوصي ترقياتي ??ئڪيج سان صوبي ۾ خوشحالي ايندي. هن چيو ته بلوچست??ن جا نوجوان حڪومت پاران ڪاروباري قرض جي اسڪيمن مان فائدو کڻن. صدر هدايت ڪئي ت?? خصوصي ماڻهن ۽ بلوچست??ن جي نوجوانن کي حڪومت جي قرض اسڪيمن بابت رهنمائي فراهم ڪئي وڃي.