اسلام آباد – 26 – نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته هن وقت دنيا ۾ هٿيارن بدران بيانيي جي جنگ وڙهي پئي وڃي، جنهن جو بيانيو جيترو مضبوط هوندو، ان جي ايتري اهميت هوندي، بياني جي ذريعي اسان پنهنجو موقف بهتر طريقي سان پيش ڪري سگهون ٿا، 2018ع ۾ جڏهن اسان اقت??ار ۾ آياسين ته رياستي ميڊيا جي ڊجيٽلائيزيشن لاءِ ڪم جو آغاز ڪيو، اي پي پي کي عالمي خابرو ادارن جي طرز تي ڊجيٽل نيوز ايجنسي بڻائڻ جي لاءِ عملي قدم کنيا ويا. اهڙن خيالن جو اظهار هن اي پي پي جي ڊجيٽلائيزيشن منصوبي تحت ڀر??ي ٿيندڙ ڪانٽريڪٽ ملازمن جي تعارفي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي اي پي پي جو مينيجنگ ڊائريڪٽر مبشر حسن، ايگزيڪيٽو ڊائريڪٽر عديله رباب ڪاظمي، انفارميشن سروسز اڪيڊمي جو ڊائريڪٽر جنرل سعيد جاويد ۽ اي پي پي جا سينئر آفيسر به موجود هئا. اطلاعات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو ته هاڻي هٿيارن بدران بيانيي ۽ راءِ جي ذريعي جنگ وڙهي ويندي آهي، جنهن جو بيانيو جيترو مضبوط هوندو ايتري ان جي اهميت هوندي. هن چيو ته تاريخ مان خبر پوي ٿي ته جتي پئسو ۽ وسيلا هئا اتي قبضو ڪيو ويندو هو، هندستان ۾ به اهڙي طرح ٿيو، برطانيه جي ايسٽ انڊيا ڪمپني اچي هندستان جي قبضو ڪري ورتو، پوءِ ان ڪمپني کي واپس وڃڻو پيو، ٻي جنگ عظيم ۾ لکين ماڻهن جون جانيون ويون، ان جنگ کانپوءِ عالمي قانون ٺهيو، دنيا جي اخلاقيات تبديل ٿي وئي. هن چيو ته اسلحي جي زور تي وڙهي ويندڙ روايتي جنگ جي ڳالهه ڪريون ته آمريڪا افغانستان تي حملو ڪري ڪجهه ڪلاڪن جي اندر اتي حڪومت ڪري ڇڏي هئي، افغانستان جو پورو ڪنٽرول آمريڪا جي هٿن ۾ هليو ويو هو پر هو طاقت جي زور تي پنهنجو مقصد حاصل نه ڪري سگهيو ڇو ته دنيا ۾ غلبه حاصل ڪرڻ جي تعريف بدلجي وئي هئي. هٿيارن جي ذريعي جنگ کٽڻ بدران بيانيو حاوي ٿي ويو ۽ بيانيي جي جنگ ۾ آمريڪا کي شڪست ٿي ۽ آخرڪار ان کي افغانستان مان نڪرڻو پيو. وفاقي وزير چيو ته دنيا جي وڏيون جنگيون هاڻي بيانيي سان وڙهيون وينديون آهن، بيانيي ۾ اهائي ڌر ڪامياب ٿيندي آهي جيڪا پنهنجي دماغ جو بهترين است??ما?? ڪندي آهي، بيانيي جي ذريعي اسان دنيا جي سامهون پنهنجو موقف بهتر طريقي سان پيش ڪري سگهون ٿا. چوڌري فواد حسين چيو ته پاڪستان تحريڪ انصاف جي دور ۾ پهريون ڀيرو ميرٽ تي ڀر??يون ڪيون پيون وڃن، اسان اهڙو نظام جوڙڻ چاهيون ٿا جنهن مان شفافيت نظر اچي. هن چيو ته 2016ع کان پاڪستان تحريڪ انصاف جي ڊجيٽل ميڊيا جي معاملن کي ڏسي رهي هئي، سياسي پارٽي جي حيثيت سان پاڪستان تحريڪ انصاف جو ڊجيٽل ميڊيا رياست جي ميڊيا کان وڌيڪ مضبوط هو. هن چيو ته 2018ع ۾ جڏهن اسان اقت??ار ۾ آياسين ته اسان رياستي ميڊيا کي ڊجيٽل شعبي ۾ مضبوط بڻائڻ جي ڪم جو آغاز ڪيو، اي پي پي کي رائٽرز ۽ اي ايف پي جهڙن عالمي خابرو ادارن جي طرز تي ڊجيٽل نيوز ايجنسي بڻائڻ جي ڪوشش ڪئي، 2018ع ۾ جيڪو سوچيو، اڄ الحمد الله ان کي مڪمل ٿيندو ڏسي رهيا آهيون. هن چيو ته اي پي پي کي صحافت جي ميدان ۾ جديد دور جي گهرجن کي است??ما?? ۾ آڻيندي صحافتي خدمتون سرانجام ڏيڻ جي ضرورت آهي. وفاقي وزير چيو ته 50ع ۽ 60ع جي ڏهاڪي ۾ ۽ اڄ جي ڊجيٽل دور جي صحافت ۾ وڏو فرق آهي، اي پي پي اهڙو ڪمرشل ماڊل اختيار ڪري جنهن سان وسيلا پيدا ٿين ته جيئن هو مالي لحاظ سان پنهنجي پيرن تي بيهي سگهي ۽ پنهنجي ملازمن کي وڌيڪ بهتر مراعتون ڏئي سگهي. هن اي پي پي ۾ ڀر??ي ٿيندڙ نون ملازمن کي مبارڪباد پيش ڪندي اميد ظاهر ڪئي ته نوان ملازم پنهنجي صلاحي??ن کي است??ما?? ۾ آڻيندي اداري جي وڌيڪ بهتري جي لاءِ پنهنجو فعال ڪر??ار ادا ڪندا. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته موجوده حڪومت جي ويزن کي عملي جامو پارائڻ لاءِ اڻٿڪ ڪوششون ڪرڻ تي اي پي پي جي ايم ڊي مبشر حسن ۽ سندس ٽيم جي محنت ۽ ڪوششن کي ساراهيو. ان موقعي تي ٻڌايو ويو ته اي پي پي جي نيوز آپريشن جي ري اسٽرڪچرنگ ۽ ڊجيٽلائيزيشن جي حوالي سان 789.79 ملين روپين جي لاڳت سان ان منصوبي تحت ڀر??ين جي لاءِ نيشنل يونيورسٽي آف سائنس اينڊ ٽيڪنالاجي (نسٽ) جي ذريعي ٽيسٽ جو انعقاد ٿيو، اعليٰ پيشيوراڻيُون مهارتون رکندڙ ماهرن ٽيسٽ ۾ ڪامياب ٿيندڙ اميدوارن جا انٽرويوز ڪيا جڏهن ته ڀر??ين جي عمل کي شفاف بنائڻ لاءِ اميدوارن جي انٽرويوز جي آڊيو ۽ وڊيو رڪارڊنگ به ڪئي وئي. ڊجيٽل ميڊيا جي گهرجن کي نظر ۾ رکندي پهريون ڀيرو ريسرچرز، سوشل ميڊيا ڪانٽينٽ رائٽرز، گرافڪ ڊزائنرز جهڙين جاين تي باصلاحيت ماڻهن کي ڀر??ي ڪيو ويو جنهن سان ڊجيٽل ميڊيا جي نئين مهار??ن کي است??ما?? ۾ آڻي اي پي پي جديد دور جي صحافت ۾ پنهنجو ڪر??ار وڌيڪ موثر انداز ۾ ادا ڪري سگهندي. ان کان اڳ اي پي پي جي ڊجيٽلائيزيشن جي باري ۾ پريزنٽيشن ڏني وئي جنهن ۾ صحافت جي شعبي ۾ اي پي پي جي ڪر??ار ۽ جديد ور جي گهرجن سان هم آهنگ ٿيڻ جي لاءِ ڪيل ڪوششن کي اجاگر ڪيو ويو. اطلاعات واري وفاقي وزير اي پي پي جي ڊجيٽلائيزيشن منصوبي جي لاءِ ڀر??ي ٿيندڙ ملازمن ۾ سروس ڪارڊز به ورهايا.