اسلام آباد – 06 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ ملڪ ۾ سيڪيورٽي جي مجموعي صورتحال جو جائزه اجلاس ٿيو. وزيراعظم ميڊيا آفيس پاران جاري بيان موجب اجلاس ۾ اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين، گهرو وزير شيخ رشيد احمد، چيف آف آرمي اسٽاف جنرل قمر جاويد باجوه، قومي سلامتي واري صلاحڪار ڊاڪٽر معيد يوسف، پنجاب جي وڏي وزير سردار عثمان بوزدار ۽ اعليٰ سول ۽ فوجي عملدارن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ سريلنڪا جي شهري پر??ان??ا ڪمارا جي سيالڪوٽ ۾ ظالماڻي قتل تي گهري ڳڻتي جو اظهار ڪيو ويو ۽ اجلاس جي شرڪت ڪندڙن چيو ته سانحي جي ذميوارن کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ آندو ويندو. اجلاس جي شرڪت ڪندڙن ان ڳالهه جو اظهار ڪيو ته ذاتي طور تي ۽ جٿن جي صورت ۾ ڪنهن کي به قانون هٿ ۾ کڻڻ جي اجازت نه ڏني ويندي ۽ اهڙي قسم جي واقعن تي ڪا رعايت نه ڪئي ويندي. وڌيڪ ته اهڙي قسم جي واقعن جي خاتمي لاءِ هڪ ٺوس حڪمت عملي پڻ ??وڙي ويندي ۽ ذميوارن کي سخت سزا يقيني بڻائي ويندي. اجلاس ۾ ملڪ عدنان جي بهادري کي پڻ ??اراهيو ويو جنهن پنهنجي زندگي کي داءُ تي لڳائي پر??ان??ا ڪمارا کي بچائڻ جي ڪوشش ڪئي. اجلاس جي شرڪت ڪندڙن سريلنڪا جي شهري پر??ان??ا جي گهرڀاتين سان پڻ ??عزيت جو اظهار ڪيو.