اسلام آباد – 23 – مارچ (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي چيو آهي ته پاڪستان مسلمان ??مت کي درپيش چئلينجن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ تيار آهي، او آءِ سي ميمبر ملڪن جي وچ ۾ اتحاد کي فروغ ڏيڻ جي ضرورت آهي، اسان کي فلسطين ۽ ڪشمير ۽ ميانمر جي مسلمانن کي درپيش مسئلن کي منهن ڏيڻو پوندو، اسلامو فوبيا جي تدارڪ جي لاءِ وڌيڪ ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي. او آءِ سي پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جي 48 هين اجلاس جي حوالي سان ??و آءِ سي جي سيڪريٽري جنرل حسين براهيم طحه سان گڏيل پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي وزيراعظم عمران ??ان ??ا ٿورا مڃيا جنهن او آءِ سي پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جي 48 هين اجلاس جي انتطامن ۽ انعقاد تي ذاتي دلچسپي ورتي. هن چي?? ته اجلاس ۾ اسان 800 نمائندن جي آجيان ڪئي. پرڏيهي وزير او آءِ سي سيڪريٽريٽ ۽ خاص طور تي سيڪريٽري جنرل جي معاونت تي ان ??ا ٿورا مڃيا. پرڏيهي وزير چي?? ته چيني پرڏيهي وزير اسان ??ي خصوصي دعوت تي آيو جيڪو ان ڳالهه جو اظهار آهي ته چين مسلمان ??نيا سان ??ابطن جي فروغ جو خواهشمند آهي. چين مسلمان ملڪن سان واپاري ۽ سيڙپڪاري لاڳاپن جو خواهشمند آهي. پاڪستان ??ي آرمڊ فورسز هن اجلاس جي سيڪيورٽي انتظامن ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو، آئون انهن جا به ٿورا ادا ڪرڻ ضرور سمجهان ٿو. هن چي?? ته مسلمان ملڪن جي وچ ۾ سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جي شعبن ۾ تعاون وڌائڻ جي ضرورت آهي. هن چي?? ته امن جي فروغ لاءِ پاڪستان ??لد هڪ پيپر شيئر ڪندو. ان کانسواءِ ڪانفرنس ۾ قراردادن تي عملدرآمد کي يقيني بڻايو ويندو. هن چي?? ته وزيراعظم عمران ??ان پنهنجي افتتاحي خطاب ۾ مسلمان ??مت کي درپيش چئلينجز تي خيالن جو اظهار ڪيو. وزيراعظم فلسطين ۽ ڪشمير جي مسئلي تي کلي ڳالهه ڪئي ۽ انساني حقن جي سنگين خلاف ورزين ۽ ناانصافين جو ذڪر ڪيو. پرڏيهي وزير چي?? ته الله تعاليٰ مسلمان ??مت کي تمام گهڻن وسيلن سان نوازيو آهي اسان کي پنهنجي صفن ۾ اتحاد پيدا ڪرڻ جي ضرورت آهي، پاڪستان ??نهن چئلينجن کي منهن ڏيڻ ۾ پل جو ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي. هن چي?? ته مون کي بطور چيئرمين اهو ٻڌائيندي خوشي محسوس ٿي رهي آهي ته جڏهن ڊسمبر ۾ اسان گڏ ٿياسين ته اسان ??و افغانستان ??ي حوالي سان موقف واضح هو ۽ اسان کي ڪاميابي ملي جڏهن ته هن اجلاس ۾ اسان ڪشمير مسئلي کي اجاگر ڪرڻ جو عزم ڪيو هو. او آءِ سي ڪشمير بابت رابطا گروپ جي اجلاس ۾ اسان ڪيترائي فيصلا ڪيا، اسان قراردادن کان وڌي ايڪشن پلان ??وڙيو. مون کي اميد آهي ته نيويارڪ، جنيوا ۽ جده ۾ اسان ??ا نمائندا ڪشمير ۾ جاري انساني حقن جي سنگين خلاف ورزين کي اجاگر ڪرڻ جي لاءِ باقاعده اجلاس منعقد ڪندا رهندا. پرڏيهي وزير چي?? ته فلسطين جي مسئلي تي پاڪستان ??ي پوزيشن واضح آهي. اسان گذريل سال رمضان ??لمبارڪ دوران مسجد اقصيٰ جي المناڪ واقعي کانپوءِ ٻين پرڏيهي وزيرن سان گڏ نيويارڪ وڃڻ جو فيصلو ڪيو. اسلام آباد پڌرنامو اڄ جي اجلاس جو مرڪزي حاصل آهي. ڪشمير تي ڀرپور قرارداد سامهون آئي. ڪشمير مسئلي تي گڏيل پڌرنامو ڪشمير بابت رابطا گروپ جي اجلاس کانپوءِ سامهون آيو. هن چي?? ته افغانستان ??ي لاءِ قائم فنڊ جي چارٽر تي صحيحون ٿيون. ان ??جلاس جي حاصل ۾ خصوصي نمائندي جي مقرري، رحمت للعالمين ٽرسٽ جو قيام ۽ ڏکڻ ايشيا ۾ امن قائم ڪرڻ جي لاء?? قرارداد ذڪر جوڳي آهي. 9 مارچ تي ڀارت پاران فضائي حدن جي خلاف ورزي کانپوءِ او آءِ سي جي سيڪريٽري جنرل ۽ سلامتي ڪائونسل جي صدر کي خط جي ذريعي پنهنجي ڳڻتي ۽ گڏيل جاچ جو مطالبو ڪيو. مون انهن کي ٻڌاي?? ته حادثاتي ميزائل فائر حادثاتي جنگ جو سبب بڻجي سگهي ٿو. پاڪستان مسلمان ??مت ۾ تڪرارن جي حل لاءِ حڪمت عملي طئي ڪرڻ جي لاءِ وزارتي اجلاس گهرائڻ جي تجويز ڏني. هن چي?? ته مسلمان ??مت کي درپيش چئلينجز جي حوالي سان 140 قراردادون سامهون آيون جڏهن ته 20 قراردادون پاڪستان پاران يا پاڪستان ??ي حصيداري سان پيش ڪيون ويون. او آءِ سي پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جي 48 هين اجلاس ۾ يوڪرين جي صورتحال تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ٿي. انساني جانين جي زيان ??ي خطري کي نظر ۾ رکندي پاڪستان گڏيل قومن جي چارٽر، عالمي قانونن جي روشني ۾ امن جي ڪوششن ۾ حصيداري جي لاءِ راضي آهي. او آءِ سي نمائندن يوڪرين جنگ جي حوالي سان ڳڻتي جو اظهار ڪيو ۽ اجلاس ۾ يوڪرين جي لاءِ انساني همدردي جي بنياد تي ريليف ڪوريڊور جو مطالبو ڪيو ويو. پرڏيهي وزير چي?? ته يو اين قراردادن جي باوجود ڪشمير مسئلو اڃا تائين حل طلب آهي. والاريل ڪشمير ۾ انساني حقن جي خلاف ورزين جو سلسل?? جاري آهي. هن چي?? ته اسلامو فوبيا جي خلاف متفقه قرارداد خوش آئنده آهي جڏهن ته اسلام فوبيا جي حوالي سان ??صوصي نمائندو مقرر ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو. او آءِ سي جي سيڪريٽري جنرل حسين براهيم طحه او آءِ سي اجلاس جي ڪامياب انعقاد ۽ پاڪستان ??ي 75 هين سالگرهه جي موقعي تي پاڪستاني حڪومت ۽ عوام کي مبارڪباد ڏني ۽ بهترين انتظامن ۽ مهمان نوازي تي پڻ ٿورا مڃيا. هن چي?? ته اسلامو فوبيا جي حوالي سان پاڪستان ??ون ڪوششون ساراهه جوڳيون آهن. جڏهن ته او آءِ سي گڏيل قومن سان گڏجي اسلامو فوبيا کي منهن ڏيڻ جي لاءِ تيار آهي. هن چي?? ته افغانستان ??ي لاءِ خصوصي نمائندي جي مقرري ۽ افغانستان ??ي لاءِ هيومنٽرين ٽرسٽ فنڊ اسان ??ي ڪاميابي آهي. ان ??لسلي ۾ نائجيريا کان فنڊ جي لاءِ اٽڪل هڪ ملين ڊالر ملي چڪا آهن. سيڪريٽري جنرل ٻين ملڪن تي پڻ زور ڏن?? ته اهي به ان ۾ پنهنجو حصو وجهن. حسين طحه چي?? ته او آءِ سي اجلاس جي ايجنڊا ۾ فلسطين سرفهرست هو. اجلاس ۾ فلسطين ۽ ڪشمير مسئلي جي حوالي سان ??فصيلي بحث ٿيو. سيڪريٽري جنرل چي?? ته اسان ڪشميري عوام جي خودمختياري جي حق جي حمايت کي ورجايون ٿا. هن چي?? ته اڪثر ميمبر ملڪن کي هن وقت دهشتگردي سميت ڪيترائي چئلينجز درپيش آهن، ان ??ي ضابطو آڻڻ جي لاءِ گڏيل ڪوششن ۽ ڀرپور تعاون جي ضرورت آهي.