اسلام آباد – 23 – مارچ (اي پي پي) 82 هين پاڪستان ڏهاڙي جي ??رڪزي تقريب وفاقي گادي واري شهر جي شڪر پڙيان پريد ۾ منعقد ڪئي وئي. تقريب ۾ هٿياربند فوج جي گڏيل پريد ۽ مارچ پاسٽ جو شاندار مظاهرو ڪيو ويو. صدر ڊاڪٽر عارف علوي تقريب جو خاص مهمان ??و. ??زيراعظم عمران خا، دفاع وارو وفاقي وزير پرويز خٽڪ، جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي جو چ??ئر??ين جنرل نديم رضا، چيف آف آرمي اسٽاف جنرل قمر جاويد باجوه، چيف آف ايئر اسٽاف ايئر مارشل ظهير احمد بابر سڌو ۽ چيف آف نيول اسٽاف ايڊمرل محمد امجد خان نيازي پڻ تقريب ۾ شرڪت ڪئي. چين جي اسٽيٽ قونصلر ۽ پرڏيهي وزير وانگ زي، اسلامي تعاون تنظيم (او آءِ سي) جي ??رڏيهي وزيرن، ڪابينا جي ??يمبرن، غيرملڪي سفارتڪارن، اعليٰ سول ۽ فوجي عملدارن ۽ پاڪستان جي ??اءِ نمايان خدمتن تي تعريفي ??رٽ??فڪيٽ حاصل ڪندڙ اهم شخصيتن کانسواءِ ٻين مهمانن هٿياربند فوج جي گڏيل پريڊ جو مظاهرو ڪيو. سعودي عرب، ترڪي، ازبڪستان، آذربائيجان ۽ بحرين سميت دوست ملڪن جي دستن پڻ پريڊ ۾ شرڪت ڪئي. هٿياربند فوج جي دستن صدر، وزيراعظم، دفاع واري وزير، چ??ئر??ين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي ۽ سروسز چيفس کي سلامي ڏني. ان موقعي تي صدر ڊاڪٽر عارف علوي پريڊ ۾ شامل فوجي دستن جو معائنو پڻ ڪيو. پاڪ فضائيه جي سربراهها يئر چيف مارشل ظهير احمد تازو ئي پاڪ فضائيه جي ??ضائي ٻيڙي ۾ شامل ٿيندڙ نئين جي – 10 سي جيٽ جهازن سميت پاڪ فضائيه جي ??يڙهاڪ جهازن جي ??ختلف فارميشنز جي ??لائي پاسٽ جي ??يادت ڪئي. پريڊ ۾ آرمرڊ ڪور، آرٽلري، رينجرز، ايئر ڊفينس، ڪوسٽ گارڊز، آرمڊ فورسز نرسنگ سروس جي عورت دستن، پاڪ بوائز اسڪائوٽس ۽ گرلز گائيڊز پڻ حصو ورتو.