اسلام آباد – 07 نومبر (اي پي پي) پاڪستان تحريڪ انصاف ۽ ان جي اتحادي پارٽين جي پارلياماني پارٽي جو اجلاس پارليامينٽ هائوس ۾ ٿيو، وزيراعظم عمران خا?? اجلاس جي صدارت ڪئي، وزيراعظم ميڊيا آفيس مان جاري بيان موجب پارلياماني پارٽي جي اجلاس ?? حڪومت طرفان ڪيل قانونسازي تي ڳالهه ٻولهه ٿي، صحت بابت خصوصي معاون ڊاڪٽر ظفر مرزا اجلاس کي ميڊيڪل ڪميشن بل ??ي اهم نڪتن ۽ صحت جي شعبي ۾ سڌارن بابت بريف ڪيو.