اسلا?? آباد – 30 جنوري (اي ??ي پي) وزيراعظم عمران خان وفاقي گادي واري شهر ۾ امن امان جي صورتحال ۾ بهتري جي حوصلا افزائي ڪندي چيو آهي ته اسلا?? آباد هر لحاظ کان هڪ ماڊل سٽي هجڻ گهرجي، ڪمزور طبقي جي تحفظ کي يقيني بڻايو وڃي ۽ وڏن ڏوهاري پيشي عنصرن ۽ مافيا جي خلاف وڌيڪ گهيرو تنگ ڪيو وڃي، سي ڊي اي ۾ سڌارن جو بنيادي مقصد عوام کي بهترين شهري سهولتن جي فراهمي سان گڏوگڏ معاشي ۽ اقتصادي عمل ۾ نمايان اضافو هجڻ گهرجي ته جيئن روزگار جا موقعا فراهم ٿين ۽ ماڻهن جي زندگي جو معيار بهتر ??ي سگهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن وفاقي گادي واري شهر اسلا?? آباد ۾ امن امان جي صورتحال، ترقياتي ??عاملن ۽ شهرين کي بهترين شهري سهولتن جي فراهمي جي حوالي سان جائزه اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو.