سيالڪوٽ – پهرين مارچ (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته وزيراعظم جي ??ائداڻي صلاحيتن سان سندس بيانيي کي سڄي دنيا ۾ پذيرائي ملي رهي آهي، اسان دنيا جي تاريخ ۾ سڀ کان وڌيڪ افغان پناهگيرن کي پناهه ڏئي مديني جي رياست جي عڪاسي ڪئي آهي، اسان کي پناهه جي بدلي ۾ 70 هزار جانين جا نذرانا پيش ڪر??ا پيا، ڪالهه وارو ٿيندڙ افغان امن معاهدو پوري قوم جي ??اءِ خوشخبري آهي، دنيا پاڪستان جي ??ربانين کي تسليم ڪيو آ??ي ان معاهدي سان افغانستان سان گ??وگڏ پوري خطي ۾ امن ٿيندو. هن سيالڪوٽ ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي وڌيڪ چيو ته وزيراعظم جو هن قوم ۽ ملڪ سان احساس جو رشتو آهي. وزيراعظم عوام جي تڪليف جي ازالي لاءِ پيٽروليم مصنوعات جي ??يمتن ۾ گهٽتائي ڪئي آهي ۽ اميد آهي ته ان گهٽتائي جي ڪري ٻين مصنوعات جي ??يمتن ۾ گهٽتائي ايندي.