اسلام آباد – 27 جون (اي پي پي) توانائي واري وفاقي وزير عمر ايوب خان چي?? آهي ته تيل جي قيمتن ۾ عالمي منڊين ۾ ٿيندڙ اضافي جي تناسب سان گهٽ اضافو ڪي?? وي?? آهي، پاڪستان ۾ تيل جون قيمتون ڏ??ڻ ايشيا ۾ سڀ کان گهٽ آهن، مسلم ليگ (ن) جي دور ۾ مافياز جي سرپرستي ڪئي وئي آهي ۽ جاچ عمل ۾ رڪاوٽ وڌي وئي. قومي اسيمبلي ۾ تيل جي قيمتن ۾ اضافي تي پ??ليسي بيان ڏيندي هن چيو ته حقيقت اها آهي ته اوپيڪ جي باسڪٽ قيمت ۾ 48 سيڪڙو اضافو ٿي?? آهي. عالمي مارڪيٽ ۾ 46 ڏينهن ۾ تيل جي قيمتن ۾ 112 سيڪڙو اضافو ٿي?? آهي. ان شرح سان پاڪستان ۾ جيڪو اضافو ٿيڻو هو اهو ساڍا 41 رپيا بڻجي ٿو جڏهن ته حڪومت پيٽرول جي قيمت ۾ 41 بدران 25 رپيا ۽ ڊيزل جي قيمت ۾ 24 رپين بدران 21 رپيا اضافو ڪي?? آهي. هن چيو ته ان جي باوجود نه رڳو ننڍي کنڊ پر ڏ??ڻ ايشيا جي مقابلي ۾ به پاڪستان ۾ پيٽروليم مصنوعات جون قيمتون گهٽ آهن. هن چيو ته جنوري ۾ پيٽرول جي قيمت 116.7 رپيا ۽ ڊيزل جي قيمت 127.26 رپيا هئي. حڪومت پيٽرول جي قيمت ۾ 42 رپيا ۽ ڊيزل جي قيمت ۾ 47 رپيا گهٽتائي ڪئي هئي. هن چيو ته موجوده اضافي جي باوجود جنوري جي مقابلي ۾ پيٽرول جي قيمت 17 رپيا ۽ ڊيزل جي قيمت 26 رپيا گهٽ آهي. بنگلاديش ۾ پيٽرول 174، چين ۾ 138 ۽ ڀارت ۾ 170 رپيا آهي. فلپائن ۾ 153، جاپان ۾ 196 رپيا في ليٽر آهي. هن چيو ته جنهن وقت عالمي منڊي ۾ تيل جي قيمتن ۾ گهٽتائي ٿي ته حڪومت عوام کي فائدو منتقل ڪي?? جڏهن اضافو ٿيو ته اسان هڪ حد تائين اضافو ڪي??.