اسلام آباد – 09 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم ??مران خان سان يو اين ڊي پي (يونائيٽيڊ نيشنز ڊولپمينٽ پروگرام) جي وفد ملاقات ڪئي، ملاقات ۾ منصوبابندي وارو وفاقي وزير اسد عمر، اطلاعات ۽ نشريات وارو وزير سينيٽر شبلي فراز، ناڻي وارو صلاحڪار ڊاڪٽر عبدالحفيظ شيخ، سماجي تحفظ واري خاص مددگار ڊاڪٽر ثانيه نشتر ۽ ٻيا سينئر آفيسر موجود هئا. وزيراعظم ميڊيا آفيس موجب يو اين ڊي پي جي پ??ڪس??ان ۾ موجود نمائنده ايليونه نيڪوليٽا وزيراعظم ??مران خان جي هيومن ڊولپمينٽ ۾ خصوصي دلچسپي ک?? ساراهيندي چيو ته وزيراعظم ??ي ذاتي دلچسپي جتي ملڪ ۾ انساني ترقي جي فروغ جو سبب آهي اتي يو اين ڊي پي جي مقصدن جي تڪميل ۾ به مددگار ثابت ٿي رهي آهي. هن ??يو ته حڪومت طرفان سسٽين ايبل ڊولپمينٽ گولز (پائيدار ترقي جا مقصد) کي اختيار ڪرڻ، انهن مقصدن کي حاصل ڪرڻ لاءِ موثر حڪمت عملي ۽ وسيلن جي فراهمي نهايت قابل تحسين آهي، هن يو اين ڊي پي ک?? حڪومت طرفان فراهم ڪيل سپورٽ تي وزيراعظم ??و ٿورو ادا ڪيو، يو اين ڊي پي جي وفد ڪووڊ دوران حڪومت پ??ڪس??ان جي حڪمت عملي خاص طور تي معاش?? عمل جي رواني ۽ معاشري جي ڪمزور طبقن جي مالي مدد جهڙن قدمن کي ساراهيو.