اسلام آباد – 22 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ ملڪ ۾ گئس جي طلب ۽ پهچ جي موجوده صورتحال ۽ ايندڙ ڪجهه مهينن جي صورتحال جي حوالي سان جائزه اجلاس اسلام آباد ۾ ٿيو. اجلاس ۾ صنعت واري وفاقي وزير محمد حماد اظهر، منصوبابندي واري وزير اسد عمر، توانائي واري وزير عمر ايوب، ناڻي واري صلاحڪار ڊاڪٽر عبدالحفيظ شي??، واپار واري صلاحڪار عبدالرزاق دائود، پيٽروليم واري خاص معاون نديم بابر ۽ ٻين سينيئر آف??سرن شرڪت ڪئي. وزيراعظم ميڊيا آف??س موجب اجلاس کي ملڪ ۾ گئس جي طلب ۽ پهچ جي موجوده صورتحال، مقامي گئس جي پيداوار ۾ ٿيندڙ گهٽ??ائ??، گئس جي طلب کي پورو ڪرڻ جي حوالي سان ڪيل انتظامن تي تفصيلي بريفنگ ڏني وئي.